جنب گذاريم جن سين

جنب گذاريم جن سين

جنب گذاريم جن سين

جنب گذاريم جن سين (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب جديد قومپرستي جي باني مفڪر ۽ اديب سائين جي. ايم. سيد جو تحرير ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ سائين جي. ايم. سيد پنهنجي دور جي سياسي، سماجي اڳواڻن، ورڪرن ۽ سماج سڌارڪن کان سواءِ، پنـهنجـن واقـفـڪـارن رفيـقـن جي زندگيءَ جو تفصيلي احوال لکيو آهي. جنهن ۾ نه رڳو انهن شخصيتن جي زندگيءَ جو احوال آهي پر گڏوگڏ سنڌ جي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي تاريخ جو ڀرپور ۽ غير جانبدار تجزيو ڏنل آهي. هيءُ ڪتاب اهم شخصيتن بابت بهترين حوالاجاتي ڪتاب آهي. ڪتاب جو پيش لفظ مصنف خود لکيو آهي. جنهن ڄاڻايو آهي ته هو هن ڪتاب ۾ ڪن دوستن ۽ بزرگ هستين جي زندگيءَ کي مواد جي ميسر نه ٿيڻ ڪري درج ڪري نه سگهيو جن ۾: پير صاحب پاڳاري جو خاندان، پير صاحب جهنڊي وارن جي زندگيءَ جو احوال، ميان نور محمد صاحب ۽ قاضي خدا بخش مورائي وغيره. هن ڪتاب ۾ 176 شخصيتن جو ذڪر آهي، جن ۾: استاد ماستر جان محمد، ماستر ريوا چند، نهال چند، وسڻ مل ٻالچند، قاضي محمد هاشم، ماستر حامد علي، درويش فقير حاجي احمد، مخدوم بصر الدين قاضي، مولوي غلام احمد، پير ميان محمد، حضرت خواجه محمد حسن،ٿانور داس ليلا رام واسواڻي (ٽي. ايل. واسواڻي)، صوفي قبول محمد، ڀڳت ڪنور رام، پروفيسر هاسارام کانسواءِ قومي ڪارڪنن ۾ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد، سنڌي، حاجي اسدالله شاهه، شيخ عبدالعزيز، مولوي فتح محـمـد سيـوهـاڻي، مسٽـر حاتم علي، مسٽر غـلام حسيـن چـاڳلا، مـيـان عبدالڪريم گدائي ۽ ٻيا شامل آهن. مدبرن ۽ سياستدانن ۾ مسٽر هوشنگ نادر شاهه ايڊلجي ڊنشا، بهادر شيوارام'>راءِ بهادر شيوارام، سيد ميران محمد شاهه، قاضـي عبدالرحـمـان، سـر غلام حسين هدايت الله، شاهنواز خان ڀٽو'>سر شاهنواز خان ڀٽو، پير الاهي بخش، مخدوم حيدر، خانبهادر محمد هاشم، مير نبي بخش خان وغيره شامل آهن. اديبن ۽ عالمن ۾ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ. آءِ. قاضي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، محمد هاشم مخلص، لعل چند امر ڏنو مل، شيخ مبارڪ اياز ۽ ٻيا، جڏهن ته زميندارن ۽ خاندانن ۾ رئيس فقير بخش خان، رئيس يار محمد خان، سيد مقبول شاهه، سيد اسدالله شاهه، پير الهيار شاهه، وڏيرو الهڏنو خان، سيٺ محمد جعفر، مير غلام محمد، ملڪ ميان فريد خان ۽ ٻيا شامل آهن. ان کان علاوه ڪجهه ٻين بزرگن، رفيقن ۽ واقفڪارن، نامور آفيسرن سميت ۽ ڪجهه سماجي ڪارڪن عورتن جو به ذڪر آهي، جن ۾ بيگم مري، بيگم نصرت وغيره شامل آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ سال 1967ع ۾ شايع ڪرايو. ٻيو ڇاپو 1999ع ۾، ٽيون ڇاپو 2005ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ کان سواءِ ٻين ادارن به هي ڪتاب شايع ڪرايو آهي، جهڙوڪ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2004ع ۾ ٻئي جلد گڏ ڪري، 740 صفحن تي مشتمل ڇپايا آهن، جي. ايم. سيد اڪيڊميءَ سن به هي ڪتاب 2004ع ۾ ٻئي جلد گڏي شايع ڪرايو آهي، جيڪو 740 صفحن تي مشتمل آهي، ان ڪتاب جي قيمت 280 روپيا رکي وئي آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو